اسلم چنا

اسلم چنا

اسلم چنا

اسلم چنا: صحافي، براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر محمد اسلم چنا، 14 آگسٽ 1960ع تي حيدرآباد شھر جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ غلام محمد چنا جي گهر ۾ جنم ورتو. ايل.ايل.بي ۽ ايم.اي. تائين تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ رھيو. ستين درجي ۾ پڙھڻ دؤران شاعريءَ جي شروعات ڪئي. 1983ع ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي ماھوار رسالي ’آبادگار‘ لاءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جون ذميواريون سنڀاليون. سترھن سالن تائين سنڌ آبادگار بورڊ ۽ سنڌ سيد ايسوسيئيشن جو آفيس سيڪريٽري به رھيو. مشھور صحافي علي حسن کيس صحافت ۾ وٺي آيو ۽ روزاني ’الوحيد‘ لاءِ حيدرآباد جو رپورٽر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ اردو اخبار ”امروز“ ۾ ڪم ڪيو. جنھن جي بند ٿيڻ بعد هن وقت تائين روزاني ”نواءِ وقت“ سان لاڳاپيل آھي. 2004ع ۾ سچل ايف. ايم 105 جي شروعات ٿي ته ھي R.J جي حيثيت سان ان ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جتي ترقي ڪندي نيوز ڪنٽرولر ۽ پوءِ اسٽيشن مئنيجر مقرر ٿيو. سچل ايف. ايم ھن وقت ”ھاٽ ايف. ايم“ جي نالي سان مشھور آھي، جنھن تان ھن ”اول الله عليم“ جي نالي سان ھڪ پروگرام شروع ڪيو، جيڪو تمام گھڻو مقبول ٿيو. ان پروگرام تي سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران کيس لطيف اوارڊ پڻ ڏنو ويو. اسلم چنا جي شاعري ٽماھي ’مھراڻ‘، ماھوار ’نئين زندگي‘، ’عبرت مئگزين‘۽ ٽماھي ’سنڌ‘ سميت ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجي چڪي آھي، جنھن کي شفيع فقير، فوزيا سومرو، انور وسطڙي، تاج مستاني، سينگار علي سليم ۽ ديبا سحر سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آھي.


لفظ اسلم چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.14  عيسوي

صحافي، براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر محمد اسلم چنا، 14 آگسٽ 1960ع تي حيدرآباد شھر جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ غلام محمد چنا جي گهر ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درس عبدالغني
سيد سبط حسن
الطاف حسين قريشي
اشتياق اظهر
عبدالغفور سيتائي
شاهنوار ٽالپر
سردار قريشي
دين محمد وفائي مولانا
اعجاز حسين مهر
رڪ سنڌي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون